اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مجلس وحدت مسلمين جي سربراهه علاما راجا ناصر عباس چيو آهي ته جيڪڏھن ڪرم جو رستو کوليو ويو ته اسان به ڌرڻا ختم ڪري ڇڏينداسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر علاما راجا ناصر عباس چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت هن وقت تائين ڪو به سهڪار ناهي ڪيو، پارا چنار جا رستا بند ٿيڻ صوبائي حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي ۽ وڏو وزير علي امين گنڊاپور جوابده آهي.
هن چيو ته اڳواڻن پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي آهي، اميد آهي ته معاهدي تي عمل درآمد ٿيندو، گهڻي رتوڇاڻ ٿي، هاڻي سڀ امن چاهين ٿا.
سندس چوڻ هو رستو کوليو ويندو ته اسان به ڌرڻا ختم ڪري ڇڏينداسين، ٿڌ ۾ ويهڻ جو شوق ناهي، اسان جا ڌرڻا ڪنهن به پارٽي جي خلاف ناهن.
علاما راجا ناصر عباس چيو ته جڏهن ڪانوائي تي حملو ٿيو ته اتي ئي اهلسنت اسان جي 35 ماڻهن کي بچايو، پناهه ڏني، ٻنهي پاسن کان ڪجهه دهشتگرد آهن، جيڪي رتوڇاڻ ڪن ٿا، انهن خلاف فوجي آپريشن ٿيڻ گهرجي.
You might also like