راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) افغان سرحد تان طالبان طرفان پاڪستاني فوجي چوڪين تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن تي جوابي ڪارروائي ۾ 16 طالبان مارجي ويا ۽ 27 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته طالبان جون ٻه ٽينڪون به تباهه ٿي ويون.
سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان طرفان پاڪ افغان سرحد تي بنا سبب جارحيت ڪئي وئي، جنهن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو.
7 سيپٽمبر جي صبح کان افغان طالبان طرفان پاڪ افغان سرحد جي افغان علائقي پلوسين مان پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي ڳرن هٿيارن سان بنا سبب فائرنگ شروع ڪئي وئي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بنا سبب فائرنگ جو سلسلو افغان سائيڊ طرفان 9 سيپٽمبر جي شام تائين جاري رهيو، پاڪ فوج طرفان افغان سائيڊ کان ڪيل فائرنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو.
پاڪستاني فوج جي جوابي فائرنگ ۾ افغان طالبان کي وڏو نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن ۽ هيل تائين 16 طالبان مارجي ويا، جڏهن ته 27 زخمي ٿي چڪا آهن ۽ افغان طالبان جون ٻه ٽينڪون به تباهه ٿي ويون آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ افغان بارڊر تي ڪنهن به قسم جي بنا سبب جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
You might also like