ڪتا اڪثر رات جي وقت ڀونڪندا ۽ روئيندا آهن، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿي ويندو آهي ۽ سوچيندا آهن ته ڪجهه بُرو ٿيڻ وارو آهي.
پر معاشري ۾ موجود اها سوچ درست ناهي ته ڪتن جي روئڻ ۽ ڀونڪڻ سان ڪجهه برو ٿيندو پر اهو انهن جي رويي جو هڪ حصو آهي، جنهن ذريعي اهي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن.
پرڏيهي ميڊيا ۾ شايع هڪ رپورٽ موجب روڊ يا گهٽي ۾ موجود ڪتا رات جي وقت ان ڪري ڀونڪندا آهن ته جيئن اهي پنهنجي موجودگي جي دعويٰ ۽ پنهنجي علائقي جو دفاع ڪري سگهن، ائين ڪري ڪتا علائقي ۾ پنهنجي طاقت ڏيکاريندا آهن ۽ ڪنهن ٻئي علائقي جي ڪتن کي اتي اچڻ ناهن ڏيندا.
ان کانسواءِ ڪتا ڪتا ڀونڪي پنهنجي ساٿين کي به خطري کان آگاهه ڪندا آهن ۽ کين خبردار ڪندا آهن.
ڪتا روئيندا ڇو آهن؟
ڪتا عجيب آواز ۾ روئيندا آهن، جيڪي انسانن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن.
ان حوالي سان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪتا ڪنهن بيماري يا تڪليف ۾ مبتلا ٿيڻ سبب روئيندا آهن، جڏهن ته موسم جي سختي به انهن جي روئڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
Prev Post
Next Post
You might also like