اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي کي آزاد ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد پوليس موجب، بئريسٽر گوهر علي کي سنگجاني ٿاڻي جي ڪيس ۾ ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر کي پارليامينٽ هائوس ٻاهران گرفتار ڪيو هو.
ان کانسواءِ پوليس طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي به پارليامينٽ هائوس ٻاهران گرفتار ڪيو ويو هو.