هلندڙ سال جي ٻي چنڊ گرهڻ 17 سيپٽمبر تي شام جي وقت ٿيندي.
اها جزوي چنڊ گرهڻ هوندي ۽ گهڻي خاص هوندي، ڇو ته اها سيپٽمبر تي مڪمل چنڊ سان ٿيندي، جنهن کي ”فل هارويسٽ مون“ چيو ويندو آهي.
اهو آگسٽ جي ”سپر بليو مون“ کانپوءِ نظر ايندڙ هلندڙ سال جو ٻيو ”سپر مون“ آهي، هلندڙ سال ايندڙ ٻن سپر مون 17 آڪٽوبر ۽ 15 نومبر تي ڏسي سگهبا.
فل هارويسٽ مون ۽ چنڊ گهرڻ گهڻي ڀاڱي آمريڪا ۾ نظر اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته انٽارڪٽيڪا، يورپ، آفريقا ۽ ايشيا جي ڪجهه حصن ۾ به نظر ايندي پر پاڪستان ۾ ان جو نظارو نه ڪري سگهبو.
You might also like