اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي سي اسلام آباد تحريڪ انصاف طرفان جلسي لاءِ اين او سي جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ پٿراءَ سبب ايس ايس پي سيف سٽي سميت ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.
ڊي سي اسلام آباد اين او سي جي ڀڃڪڙي تي جاري نوٽيفڪيشن ۾ انتظاميا ۽ پوليس آفيسرن کي ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون آهن.
هوڏانهن اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن ۾ ايس ايس پي سيف سٽي ۽ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن ۽ پوليس تي پٿراءَ جو سلسلو جاري آهي.
انتظاميا جو پي ٽي آءِ کي جلسو فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم، پٿراءَ ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي
Prev Post
Next Post
You might also like