فيض حميد جي معاملو فوج جو اندروني ايشو آهي: بئريسٽر سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد جو معاملو فوج جو اندروني معاملو آهي. اداري کي اڳوڻي جنرل خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو قانوني اختيار حاصل آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بئرسٽر سيف جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني فيض حميد يا ڪنهن ٻئي جنرل سان رابطي ۾ هو، تڏهن هو وزيراعظم هو، ائين ناهي ته عمران خان جنرل فيض کان ڪو غير قانوني ڪم ڪرايو هجي.
بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته حڪومت چاهي ٿي باني جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلي، ان ڪري هن معاملو عدالت جي نوٽيس ۾ آندو.
سندس چوڻ هو ته جعلي حڪومت اليڪشن ڪميشن سان گڏجي سيٽن تي قبضو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.