لنڊن (ويب ڊيسڪ) نوبل انعام يافتا ملاله يوسفزئي جي هالي ووڊ دستاويزي فلم ”لاسٽ آف دي سي ويمن“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ملاله يوسفزئي فلم ”لاسٽ دي سي ويمن“ ذريعي پروڊيوسر طور هالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو آهي.
سو ڪم ۽ اي 24 جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ دستاويزي فلم جي ٽريلر ۾ ڪورين عورت کي غوطه خوري ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
ملاله يوسفزئي جي پروڊڪشن ڪمپني جي بئنر هيٺ ٺهندڙ فلم ”لاسٽ دي سي ويمن“ ۾ هڪ غوطه خور ڪورين عورت جي ڪهاڻي ڏيکاري وئي آهي، جيڪا خوراڪ جي ڳولا ۾ آڪسيجن بنا سمنڊ جي تهه تائين هلي ويندي آهي، هوءَ خطرن باوجود خوراڪ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ملاله يوسفزئي سان گڏ شريڪ پروڊيوسرن ۾ سو ڪم، ايريڪا ڪين ايئر، نيڪول اسٽوٽ، ايملي آسبرون ۽ هيري گو شامل آهن، جڏهن ته ميريسا توريس ايرڪسن ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر آهي.
You might also like