حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي لائبريرين جي داخل توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پينشن جي عدم ادائيگي تي يونيورسٽي انتظاميا خلاف پٽيشن داخل ڪئي هئي، عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته پينشن جاري ڪرڻ جو اختيار يونيورسٽي انتظاميا جو ناهي.
درخواستگذار چيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو هو ته پينشن جاري ڪرڻ جي درخواست وڏي وزير کي موڪلي وئي آهي، عدالت وڏي وزير کي 60 ڏينهن ۾ درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر 6 مهينا گذرڻ باوجود عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو.
عدالت توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي وڏي وزير کي 3 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ يا وڪيل ذريعي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
You might also like