ڪراچي ۾ جعلي کير ٺاهيندڙ هڪ ٻيو ڪارخانو پڪڙيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني ۾ پاڻي ۾ ڪيميڪل ملائي کير ٺاهيندڙ جعلي ڪارخانو پڪڙيو ويو.
اي ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل هاليپوٽي ٻڌايو ته ڪارخاني ۾ 750 ڪلو ڪيميڪل ذريعي 9 هزار ليٽر کير ٺاهيو پئي ويو، 480 ليٽر پاڻي ۾ ڪيميڪل ملائي تيار ڪيل کير ضايع ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته فيڪٽري جي عملي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀينس ڪالوني ۾ ئي سنڌ فوڊ اٿارٽي جعلي کير ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپو هڻي ڪيميڪل برآمد ڪري عملي کي گرفتار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.