آءِ ايم ايف پروگرام بابت وزيراعظم جو اهم بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف اميد ظاهر ڪندي چيو ته آهي ته موجودا پروگرام آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هئڻ گهرجي.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي قدم کنيا پيا وڃن، معيشت ۾ استحڪام ۽ بهتري آڻڻي پوندي، اِهو پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هئڻ گهرجي،
هن چيو ته اسان ملڪ معدني وسيلن سان مالامال آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ترجيح آهي، اسان هدف حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي، هي سفر ڊگهو ۽ ڏکيو آهي پر ناممڪن ناهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته مهانگائي جو ٻوجهه هوريان هوريان گهٽجي رهيو آهي، اسان کي اسمگلنگ جو خاتمو ڪرڻو آهي ۽ معيشت ۾ استحڪام آڻڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.