اسلام آباد(عمران شفقت)آءِ ايس آءِ جي گرفتار سربراهه جنرل(ر)فيض حميد جو ويجهو دوست ٿري اسٽار جنرل سخت مشڪلات جو شڪار آهي، ان جنرل جو خيال هو ته پلان تحت فيض حميد آرمي چيف بڻيو ته هو به آءِ ايس آءِ جو سربراهه بڻجي ويندو،ان جنرل جي گهرواري عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي مريدياڻي آهي،اهو جنرل کڏي لائن لڳڻ باوجود پنهنجو قبلو درست ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،ذريعن موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي مقرر ٿيڻ بعد هن فوجي قيادت آڏو وضاحتون پيش ڪري پنهنجا معاملا درست ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي،ذريعن موجب ان جنرل جا سياستدانن سان اڃا به رابطا آهن،کيس انهن رابطن جي وارننگ به ڏني وئي آهي،ان جنرل اسلام آباد ۽ آمريڪا جا دورا ڪري ڪوششون ڪيون ته جنرل نديم انجم کي ڪيئن به ڪري تبديل ڪري کيس آءِ ايس آءِ جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 03 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو