ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته برسات کان اڳ سنڌ حڪومت انتظام ڪيا هئا، الله جو شڪر آهي جو برسات دوران ڪو وڏو نقصان نه ٿيو آهي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجا واعدا پورا ڪري رهي آهي، عوام کي هڪ يا ٻن مهينن جو نه پر سڄي عمر جو رليف ڏنو پيو وڃي.هن چيو ته بدين ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون پيون پر سنڌ حڪومت جي تياري سبب ڪو نقصان نه ٿيو.شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي پئي وڃي، ان سان ماڻهن کي روزگار ۽ سهولت ملندي.هن چيو ته 10 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني پئي وڃي، سنڌ حڪومت وڏين چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي.