پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار جو قلمدان واپس وٺڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي مشعال يوسفزئي کي پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي سماجي بهبود وارن معاملن بابت صلاحڪار مشعال يوسفزئي کان قلمدان واپس ورتو ويو هو.
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ هو ته مشعال کان قلمدان پارٽي جي کوڙ سارن عهديدارن جي ناراضپي سبب واپس ورتو ويو هو.
پر هاڻ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته صلاحڪار جو قلمدان واپس وٺڻ کانپوءِ مشعال يوسفزئي کي پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويو آهي.
ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مشعال يوسفزئي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان مٿس اعتماد ڪري بشريٰ بي بي جو ترجمان بڻايو هو ۽ هوءَ باني جي چوڻ تي چپ آهي.
مشعال يوسفزئي پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد جي جواب ۾ چيو ته شوڪت يوسفزئي ڪنهن ليکي ۾ ئي ناهي، تنهنڪري هوءَ کيس جواب ڏيڻ ضروري نٿي سمجهي.
Prev Post
You might also like