اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارش تي سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ڪميٽي جي سفارشن سبب اٽڪل سٺ هزار سرڪاري ملازمن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، متاثر آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ٻين ادارن ۾ ايڊجسٽمينٽ جو پروگرام ترتيب ڏنو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ متاثر ملازمن کي سرپلس پول ۾ موڪليو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ سرپلس ملازمن کي ٻين کاتن ۾ اُماڻيو ويندو، سرپلس ملازمن ۽ آفيسرن کي گولڊن هينڊ شيڪ به ڏنو ويندو.
دستاويز موجب، سول سرونٽس ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۽ 11 ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، سول سرونٽس جو سيڪشن 2 ملازمن جي مقرري جي شرط بابت آهي جڏهن ته سيڪشن 11 ملازمت جي خاتمي ۽ پينشن وارن معاملن سان واڳيل آهي.
دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فنانس ڊويزن سرونٽس ايڪٽ جي سيڪشن 19 ۾ هڪ شق جي اضافي جي راءِ ڏني، فنانس ڊويزن جي تجويز موجب وفاقي حڪومت کي اِهو اختيار هجي ته ضرورت وقت پينشن جي موجودا فائدن ۾ لاٿ يا واڌ يا ختم ڪري سگهي، ترميمي مسودو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن تيار ڪري چڪي آهي جنهن جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي.
You might also like