سنڌ سرڪار جو ڪي پي ٽي کان ڄام صادق پُل تائين ايڪسپريس وي ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت طرفان ڪي پي ٽي کان ڄام صادق پُل تائين ايڪسپريس وي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بورڊ جو 45 هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ( ڪي پي ٽي ) کان ڄام صادق پُل تائين ايڪسپريس وي ٺاهڻ جو فيصلو ويو .
وڏي وزير مڪاني کاتي کي پي پي پي يونٽ سان منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اِهو روڊ ڪي پي ٽي ٽرمينل کان ڄام صادق پل جي ويجهو ملير ايڪسپريس وي سان ملندو.
وڏي وزير چيو ته اين اِي ڊي ٽيڪنالوجي پارڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ٿي رهيو آهي جنهن جي عمارت 20 ماڙ هوندي، سنڌ حڪومت منصوبي لاءِ هڪ ڏهائي ست ارب رپيا مختص ڪيا آهن، جڏهن ته ان ڏس ۾ ڪويتي ڪمپني سان سموري ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.