ميانوالي ( ويب ڊيسڪ ) ميانوالي جي علائقي عيسى خيل ۾ قبول خيل پوليس چيڪ پوسٽ تي پوليس دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، 14 کان 14 دهشتگردن چيڪ پوسٽن تي راڪيٽ ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو، حملي ۾ پوليس جا 2 جوان به معمولي زخمي ٿيا.
ڊي پي او ميانوالي جو چوڻ آهي ته ڊي ايس پي عيسى خيل وڏي نفري ساڻ ڪري چيڪ پوسٽ تي پهتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فرار دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس چيڪ پوسٽ جي بهادر اهلڪارن کي شاباشي ڏني.
هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پنجاب پوليس تي دهشتگردن جو هي نائون حملو آهي جنهن کي ناڪام بڻايو ويو، پنجاب پوليس بين الصوبائي سرحدي چوڪين تي دهشتگردن خلاف سخت چوڪسي ڪري رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پنجاب پوليس مستقبل ۾ به دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي، حملي کانپوءِ ڊي پي او ميانوالي اختر فاروق پهچي جوانن جو حوصلو بلند ڪيو.