روپوش مراد سعيد جو ڪي پي جي وڏي وزير سميت ٻي قيادت سان رابطن جو انڪشاف

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) نوَ مئي کان روپوش پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد جو خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پارٽي قيادت سان رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي.
پارٽي ذريعن موجب، مراد سعيد روپوشي باجود ڪي پي حڪومت ۽ پارٽي جي اهم فيصلا ڪرڻ وارن ۾ شامل آهن جن ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت ڪيئي ٻيا اڳواڻ به اڳوڻي وفاقي وزير سان رابطي ۾ آهن.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته روپوش مراد سعيد عاطف خان ۽ شڪيل خان کي عهدن تان هٽائڻ جي تحريڪ شروع ڪئي جڏهن ته مراد سعيد ئي علي امين گنڊاپور کي شڪيل خان واري معاملي تي سخت ردعمل ڏيڻ تي راضي ڪيو.
پارٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي ۾ اختلافن پٺيان به مراد سعيد جو ڪردار آهي ۽ مراد سعيد مخالف گروپ جي اڳواڻ جي عمران خان ملاقات ڪرائڻ تي مشعال يوسفزئي کي به هٽايو ويو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد کي نوَ مئي ڪيسن ۾ اشتهاري جوابدار قرار ڏنو ويو آهي ۽ هو اڃا تائين روپوش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.