نئون توشا خانا ريفرنس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي جي احتساب عدالت نئين توشا خانا ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 16 سپٽيمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف نئين توشا خانا ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ سندن وڪيل ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيل سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته توشاخانا جو نئون ريفرنس پهرئين ريفرنس جهڙو ئي آهي، هڪ ئي قسم جي الزمن هيٺ ٻه ريفرنس نه ٿا ٺاهي سگهجن.
ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته دستاويز مان ئي ثابت ٿي سگهي ٿو ته نئون ريفرنس پراڻي ريفرنس سان هڪجهڙائي رکي ٿو يا نه.
ان دوران نيب پراسيڪيوٽر توشا خانا جي پراڻي ريفرنس جو جڊيشل رڪارڊ گهرائڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.
احتساب عدالت نئين ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 16 سپٽيمبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.