نعمان اعجاز سان ڪم ڪرڻ جو تجربو خوفناڪ رهيو: فريال محمود

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا فريال محمود سينيئر اداڪار نعمان اعجاز سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي بابت ٻڌايو آهي.
فريال محمود تازو اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي جي پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شريڪ ٿي، جتي هن پنهنجي ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته نومي ڀائي سان ڪم ڪرڻ جو تجربو خوفناڪ هو، نومي ڀائي جو ڪم ڪرڻ جو طريقو خاص ۽ سڀني کان الڳ آهي، هو چاهيندو آهي ته ان جا ساٿي فنڪار به ان جيان بهترين ڪم ڪن، اهو ئي سبب آهي ته مون کي نعمان اعجاز سان ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو.
هن چيو ته نعمان اعجاز ڪم دوران پنهنجي ساٿي اداڪارن کي خاص انداز ۾ سمجهائيندو آهي ۽ ان جي ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ان جيترو سمجهدار هجڻ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اداڪارن کي نعمان اعجاز جي سيکاريل ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته پوءِ بس انهن لاءِ ڪم ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.