راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 262 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان ٻه وڪيٽن جي نقصان تي 9 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ پاڪستان کي 21 رنسن جي ليڊ حاصل آهي.
ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي پاڪستان ٻي اننگز ۾ رڳو 9 رنسن تي ٻه وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، عبدالله شفيق 3 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته خرم شهزاد کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، صائم ايوب 6 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي.
ان کان اڳ بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 262 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان خرم شهزاد 6 شڪار ڪيا، جڏهن ته مير حمزا ۽ سلمان علي آغا 2-2 وڪيٽون ورتيون.
ٽئين ڏينهن پاڪستاني بالرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، خرم شهزاد ۽ مير حمزا بنگلاديش جي ٽاپ 6 بيٽرن کي رڳو 26 رنسن عيوض پويلين موڪلي ڇڏيو.
شادمان اسلام 10، ڪپتان شانتو 4، مشفق الرحيم 3، شڪيب الحسن 2، ذاڪر حسن ۽ مومن الحق هڪ – هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پوءِ لٽن داس ۽ مهدي حسن ستين وڪيٽ لاءِ 165 رنسن جي ڀائيواري جوڙي ٽيم کي شاندار واپسي ڏياري، مهدي 78 ۽ لٽن داس 138 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته تسڪين احمد هڪ ۽ ناهيد رانا کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو.
واضح رهي ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 274 رنسون ٺاهيون هيون.
You might also like