سنڌوءَ ۾ چاڙهه سبب خيرپور جو ڪچو ٻڏي ويو، وهڪرن ۾ 2 ڳوٺاڻا ٻڏي فوت

گمبٽ (رپورٽ: قمرالدين شيخ)سنڌو درياهه ۾ چاڙهھ سبب گمبٽ جو ڪچو ٻڏي ويو، سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل تر، وونئڻ، ڪمند ۽ جوئر جو فصل ٻڏي ويو، جنهن سبب ماروئڙن کي اربين رپين جو زرعي معاشي  نقصان پهتو آھي. آيل ٻوڏ ۾ گمبٽ جو ڪچو راضيديرو، رپڙي ۽ بھارو علائقي جا ڳوٺ حاجي محمد عثمان ناريجو، خانڻ محمد صديق ناريجو، غلام نبي، خالقڏنو، مولا بخش ناريجو، عطا محمد کھڙو، کرل آباد، محمد ابراھيم جويو، گلو سيال، ڦلو، لعل ڏنو ڪنڀر، محمد حسن خواجا، محمد اسماعيل ڪڙيو، صادق ڪلھوڙو، جلال مڱڻيجو ۽ مٺل جاگيراڻي سميت سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن، ڳوٺاڻا پاڻي ۾ ڦاٿل بي يارو مددگار بڻيل آهن، ٻوڏ جي وھڪرن سبب 2 ڳوٺاڻا ڳوٺ لعل ڪنڀر واسي محبوب ڪنڀر ۽  ڳوٺ صادق ڪلھوڙو واسي عبدالستار ڪلھوڙو ٻڏي فوت ٿي ويا چوپايو مال به مري چڪو آھي مئل جانورن جي وائرس سبب ماڻھن ۾ بيماريون ڦھلجڻ لڳيون آھن انتظاميا پاران ڪيل دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿيون آھن، ڳوٺاڻن الھجڙيو ناريجو، احمد بخش ناريجو، واحد بخش ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته انتظاميا مان ڪو به لڙي ناھي آيو علاج کاڌ خوراڪ جي سخت کوٽ آھي ڳوٺ اندر بيماريون ڦھلجي رھيون آھن مڇر وڌي ويا آھن شھرن اچڻ لاءِ ٻيڙين جو ھزارين روپيا خرچ ڪرڻو پوي ٿو ڪامورا ملي ڀڳت سان ڪروڙين روپيا آيل فنڊ ھڙپ ڪري ويا آھن اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي سھولتون فراھم ڪري ٿيل نقصان جو اضالو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.