اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت تيل اگهن ۾ 3 رپيا 32 پئسا گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ رپيا 86 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو اگهه 260 رپيا 96 پئسن مان گهٽجي 259 رپيا 10 پئسا ٿي ويو آهي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 32 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ ڊيزل جو اگهه 266.07 رپيا في ليٽر کان گهٽجي 262.75 رپيا ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح گاسليٽ 2.15 رپيا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 171.77 رپيا في ليٽر کان گهٽجي 169.62 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.
وفاقي حڪومت لائٽ ڊيزل آئل جي اگهه ۾ 2 رپيا 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ان جو اگهه 157 رپيا 02 پئسا مان گهٽجي 154.05 رپيا ٿي ويو آهي.
نوان اگهه اڄ رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿي ويندا.