”مان نجومي ناهيان جو عمران خان جو مستقبل ٻڌايان“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته مان پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي حق ۾ ناهيان.

صحافي خواجا آصف کان سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن؟

خواجا آصف جواب ڏنو ته مان ڳالهين جي حق ۾ ناهيان.

صحافي وري سوال ڪيو ته محمود خان اچڪزئي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ وارا آهيو؟

خواجا آصف چيو ته محمود خان اچڪزئي سان جيڪا ڳالهه هلي رهي آهي، مان ان ٽيم جو ميمبر ناهيان.

هڪ ٻئي صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته پي ٽي آءِ جي باني جو ڪو مستقبل آهي؟

جنهن جي جواب ۾ خواجا آصف چيو ته مان نجومي ناهيان ته ڄاڻان ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.