لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مقبول پاڪستاني ڊراما نگرا خليل الرحمان قمر جي ڪيس جي جوابدار جي درخواست تي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت جوابدار جي حراستي تشدد جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪندي ڊي جي ايف آءِ اي کي پوليس آفيسرن خلاف شڪايتون داخل ڪري ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.
لکت ۾ حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيڪل رپورٽ مان ثابت ٿيو ته آمنا عروج تي جسماني ريمانڊ دوران تشدد ڪيو ويو، ڪسٽوڊيل ڊيٿ ايڪٽ 2022 تحت حراستي تشدد ڏوهه آهي.