اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ قائم ڪندڙ 5 ورهين جي سفيان محسود ملاقات ڪئي.
وزيراعظم هائوس اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان موجب ڊيرا اسماعيل خان سان تعلق رکندڙ سفيان محسود تازو ئي گينيز بڪ ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي.
گفتگو دوران وزيراعظم چيو ته سفيان محسود ننڍي عمر ۾ گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ٺاهي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي.
هن چيو ته رانديون نوجوانن جي توانائين کي مثبت رخ ڏانهن منتقل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿيون، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا نوجوان راندين جي ميدان ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
سفيان محسود وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو مستقبل ۾ سائنسدان بڻجي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ چاهي ٿو.
بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سفيان محسود سان سندس مادري ٻولي پشتو ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪئي. ان موقعي تي ٻارڙي جو پيءُ عرفان محسود پڻ موجود هو.
بيان موجب عرفان محسود 100 کان وڌيڪ گينز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ هولڊر آهي، جيڪو مارشل آرٽ ۾ ماهر آهي ۽ ڊي آءِ خان ۾ ٽريننگ اڪيڊمي هلائي ٿو.
اعلان موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ مختلف راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.