راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر سلمان علي آغا چيو آهي ته ٻي ٽيسٽ جي پچ پهرين ٽيسٽ کان بلڪل مختلف آهي.
راولپنڊي ۾ ٻئي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي سلمان علي آغا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻي ٽيسٽ پچ تي اسپن جي کوٽ نظر اچي رهي هئي.
پنهنجي ذاتي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان هن چيو ته جيڪڏهن مان سٺي شروعات ڪريان ته وڏيون رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس.
سلمان علي آغا وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فاسٽ بالرز کي پنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏڻ جو تمام گهڻو تجربو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هر بيٽسمين پنهنجي حساب سان بيٽنگ ڪندو آهي، ڪنهن کي به خاص تيز کيڏڻ جي هدايت ناهي ڪئي وئي.