لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جون جعلي تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ اي موجب جوابدار سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي مريم نواز جون جعلي تصويرون ۽ وڊيوز اپ لوڊ ڪيون.
ايف آءِ اي ٻڌايو ته جوابدارن احمد حسن ۽ مرتضيٰ خان کي مريم نواز جون جعلي تصويرون اپ لوڊ ڪرڻ تي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ۾ مزنگ جي شهري جي درخواست تي داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ اي موجب جوابدار جعلي وڊيوز ۽ تصويرن ذريعن ماڻهن ۾ شر پکيڙي رهيا هئا.
You might also like