ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپاني حڪومت ٽوڪيو ۾ غير شادي شدا ڇوڪرين کي ٻهراڙين ۾ شادي ڪرڻ لاءِ پرڪشش آڇ ڪري ڇڏي.
جاپاني ميڊيا موجب جاپاني حڪومت ٽوڪيو جي غير شادي شدا ڇوڪرين جي ٻهراڙين ۾ شادي لاءِ هڪ منفرد منصوبابندي شروع ڪئي آهي، جنهن جو مقصد ٻهراڙين ۾ عورتن جي گهٽ ٿيندڙ انگ کي وڌائڻ آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب جاپاني حڪومت ٻهراڙين ۾ شادي ڪندڙ ڇوڪرين جي ميچ ميڪنگ ايونٽس جا سفري خرچ پاڻ کڻندي، کين واڌو مالي مراعتون به فراهم ڪيون وينديون.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽوڪيو مان ٻهراڙي جي علائقن ۾ منتقل ٿيندڙ ڇوڪرين کي 7 هزار آمريڪي ڊالر ڏنا ويندا.
You might also like