اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت بيمار ماڻهن جي حج ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ چيو ته رڳو تندرست ماڻهو ئي حج تي اچي سگهندا.
سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان پاڪستاني اختيارين کي حج 2025 بابت هيلٿ ايڊوائزري وصول ٿي وئي، جنهن ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته بيمار ماڻهو حج جي سفر تي روانا نه ٿي سگهندا.
سعودي حڪومت خط ۾ چيو آهي ته موسم جي شدت کي ڏسندي رڳو تندرست ماڻهن کي حج جي سفر جي اجازت ڏني ويندي، دل، گڙدن، ڦڦڙن، جگر ۽ ڪينسر جي مريضن کي اجازت نه هوندي.
ڊيمنشيا، ٽي پي، ڪاري کنگهه وارا به حج لاءِ سفر نه ڪندا، جڏهن ته 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ۽ ڳوهاريون عورتون به حج تي نه وينديون.
حج پانڌيئڙن لاءِ بخار، ڪورونا، موسمي وائرس ۽ پوليو ويڪسين لڳرائڻ لازمي هوندي.
You might also like