سيڙپڪاري جي شرح ملڪي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي شرح هلندڙ سال ۾ تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي.
ذريعن موجب نيشنل اڪائونٽس ڪميٽي طرفان منظور ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو هدف 15.1 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو پر اها 13.1 سيڪڙو تائين رهي، جيڪا پاڪستان جي تاريخ جي گهٽ ترين سطح آهي.
ان کان اڳ گهٽ ترين شرح 74-1973 ۾ 13.2 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.