پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جي خط تي اعتراض کانپوءِ 9 مئي واقعن جي انڪوائري ڪميشن پاڻ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
فيصلي جي حتمي منظوري وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان ورتي ويندي.
قانون واري صوبائي وزير آفتاب عالم صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته انڪوائري ججن کان ڪرائڻ جا پابند ناهيون، عدليا انڪوائري نٿي ڪرائڻ چاهي ته پاڻ انڪوائري ڪميشن قائم ڪنداسين.
هن چيو ته انڪوائري ايڪٽ ۾ انڪوائري ڪندڙ کي سول جج جا اختيار حاصل آهن، ججن کان ان ڪري انڪوائري ڪرائڻ چاهي، ڇو ته عدليا تي اعتماد وڌيڪ آهي.
You might also like