شهيدن جو رت ضايع نه ٿيندو، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين: وزيراعظم

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شهيدن جو رت ضايع نه ٿيندو، بلوچستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪنداسين.
ڪوئيٽا ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گورنر جعفر مندوخيل، وفاقي وزيرن احسن اقبال، محسن نقوي، عطاءُالله تارڙ ۽ ڄام ڪمال به شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ بلوچستان ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته پنهنجي عزم سان دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو آهي، بلوچستان پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي، شهيدن جو رت ضايع نه ٿيندو، ڪو شڪ ناهي ته آرمي چيف جي قيادت ۾ اهو مرحلو پار ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.