سامونڊي طوفان جو خطرو، مراد علي شاهه سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ طوفاني برساتن ۽ سائيڪلون الرٽ کي ڏسندي سڀني ادارن کي متحرڪ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
مراد علي شاهه چيو ته اڳڪٿي موجب صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان آهي، سائيڪلون الرٽ تي موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
وڏي وزير سڀني کاتن کي وڌيڪ متحرڪ رهڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا ۽ گڏوگڏ صوبي جي سڀني اسپتالن کي پنهنجا انتظام بهتر ڪرڻ جون به هدايتون ڪيون.
هن چيو ته سڀني اسپتالن جي انتظاميا پنهنجي اسٽاف جي حاضري يقيني بڻائي، آبپاشي کاتو درياهه، ڍنڍن سميت ٻئي پاڻي جي لنگهه جي بندن جي نگراني ڪندو رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.