سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ طوفان جو خدشو، تيز مينهن وسندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رن آف ڪڇ ۽ لاڳاپيل علائقي تي موجود ڊيپ ڊپريشن اتر اوڀر عربي سمنڊ ۾ اچڻ کانپوءِ سامونڊي طوفان ٺهڻ جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب اهو سسٽم پنهنجي شدت برقرار رکندي رات دير سان يا سڀاڻي صبح تائين اتر اوڀر عربي سمنڊ ۽ ان سان لاڳاپيل سنڌ جي سامونڊي پٽي ڀرسان اچي سگهي ٿو، جتي سازگار موسمي حالتون ملڻ سبب اهو مختصر دورانيي لاءِ سامونڊي طوفان بڻجي سگهي ٿو، جنهن جو نالو اسنيٰ رکيو ويندو.
هن چيو ته ٺهندڙ سامونڊي طوفان جو نالو پاڪستان جو تجويز ڪيل آهي، اسنيٰ جي منعيٰ ”بلند ترين“ آهي، جڏهن ته چوماسي ۾ سامونڊي طوفان جو ٺهندڙ گهڻو غير معمولي آهي.
سندس چوڻ هو ته ان سسٽم سبب سمنڊ ۾ ٻوڏ رهندي ۽ هوائون 50 کان 60 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي سگهن ٿيون، مهاڻن کي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سردار سرفراز چيو ته 31 آگسٽ تائين ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ ٻين ضلعن ۾ وقفي وقفي سان تيز برساتن جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.