ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي چيو آهي ته سڀاڻي خميس ڏينهن شهر ۾ سمورا اسڪول کليل رهندا.
برساتن سبب ڪراچي جي وچ ضلعي ۾ سڀاڻي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته وچ ضلعي ۾ سڀاڻي تعليمي ادارا بند رهندا.
پر موسميات کاتي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نئين ايڊوائزري کانپوءِ سينٽرل ضلعي ۾ موڪل جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي.
ان حوالي سان ڪراچي جي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته سڀاڻي شهر ۾ سمورا تعليمي ادارا کليل رهندا.
You might also like