پيٽروليم شين جي اگهن بابت اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پهرين سيپٽمبر کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽجڻ جو اثر پاڪستان ۾ به پوندو.
ذريعن موجب عالمي سطح تي ڪچي تيل جي قيمت 79 ڊالر في بيرل تائين اچي وئي آهي، گذريل 9 ڏينهن ۾ رپئي جي اگهه ۾ به استحڪام رهيو.
31 آگسٽ تائين عالمي سطح تي ڪچي تيل جي اگهن جو جائزو ورتو ويندو ۽ 31 آگسٽ تي پيٽروليم شين بابت حتمي سمري موڪلي ويندي.
ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ نون اگهن جو اعلان ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.