پي ٽي آءِ جو 15 سيپٽمبر تي مينارِ پاڪستان تي جلسي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف 15 سيپٽمبر تي مينار پاڪستان تي جلسي جو فيصلو ڪري ورتو، پي ٽي آءِ جلسي جي اجازت لاءِ ضلعي انتظاميا کي درخواست ڏني آهي.
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب طرفان ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي 15 سيپٽمبر لاءِ اجازت نامو جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ جلسي جي اجازت بابت آرٽيڪل ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو حوالو ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ ان کان اڳ اجازت نه ملڻ تي 27 آگسٽ جو لاهور جلسو رد ڪيو هو ۽ ان کان اڳ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جو 22 آگسٽ تي ٿيندڙ جلسو رد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.