ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جي حوالي سان شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو.
سنڌ ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جيڪو 31 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب ڀارتي گجرات تي موجود ڊيپ ڊپريشن اولهه ڏانهن وڌي رهيو آهي، اهو سسٽم ڏکڻ ٿرپارڪر ۽ ڀارتي رن آف ڪڇ تي موجود آهي، سسٽم اڄ رات يا سڀاڻي صبح اتر اوڀر عربي سمنڊ ۽ لاڳاپيل سنڌ جي سمنڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، اهو سسٽم ڏکڻ سنڌ ۾ تيز هوائون داخل ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ 2 کان 3 ڏينهن ۾ 150 کان 200 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ سڀاڻي صبح يا منجهند تيز برسات جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته ٺٽي ۾ به ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، ٺٽي ۽ سجاول ۾ 300 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي سگهي ٿي.
چيف ميٽرولاجسٽ چيو ته ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ سمنڊ ۾ ٻوڏ جي صورتحال رهڻ جو به امڪان آهي.
Next Post
You might also like