تيز برساتون، مراد علي شاهه خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو

سجاول (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته برسات سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ خطرو آهي.
سجاول ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڀارت ۽ بنگلاديش مان ٺهندڙ سسٽم ٻن ڏينهن کان سنڌ ۾ وسي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات ٿرپارڪر ۾ پئي.
هن چيو ته سڀاڻي کان ٿرپارڪر، سجاول، ٺٽي، عمرڪوٽ، شهيد بينظير آباد جي ضلعن ۾ وڌيڪ خطرا آهن، جڏهن ته درياهه جي ٻئي پاسي ضلعن قمبر – شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، دادو ۽ ڄامشوري ۾ به خطرو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي شهر ۾ به خطرو آهي، ان سلسلي ۾ گڏجاڻيون ڪري رهيو آهيان، هر ضلعي ۾ پنهنجي ڪابينا جا فوڪل پرسن مقرر ڪيا آهن، سنڌو درياهه ۾ تيز وهڪرو آهي، ڪراچي کان ڏسي رهيو آهيان ته هر جاءِ تي صورتحال مينيج ۽ انڊر ڪنٽرول آهي پر بدين ۾ ڪجهه شڪايتون آهن، جتي قدم کڻنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.