ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي برساتن کي ڏسندي اسڪولن ۾ موڪلن جي حوالي سان اهم فيصلو ڪري ڇڏيو.
تعليم کاتي طرفان چيو ويو آهي ته برسات ۽ امڪاني هنگامي صورتحال ۾ اسڪولن جي موڪلن جو فيصلو ضلعي انتظاميا جي طرفان ڪيو ويندو.
تعليم کاتي سنڌ چوماسي برسات ۽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا کي خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ چيو ويو آهي ته سڀني ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ تعليم کاتي جي ضلعي آفيس سان رابطي ۾ رهن.
خط موجب ڊپٽي ڪمشنر ضلعي تعليمي آفيس سان صلاح مشوري کان پوءِ ضلعي سطح تي اسڪولن جي موڪلن جو فيصلو ڪري سگهن ٿا.
You might also like