”ماڻهو مون کي ڪارو جادو ڪندڙ ڏائڻ سمجهندا آهن“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آپگهات ڪندڙ ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي اڳوڻي گرل فرينڊ ۽ اداڪارا ريا چڪرورتي انڪشاف ڪيو آهي ته ماڻهو سمجهندا آهن مان ڪارو جادو ڪندي آهيان.
اداڪارا سشميتا سين جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ريا چيو ته سشانت جي موت کانپوءِ منهنجي زندگي مڪمل طور تبديل ٿي وئي، جيڪڏهن مان ڀوڳن ۾ به اهو چوان ته مون وٽ سپر پاورز آهن ته ماڻهو سمجهندا آهن مان ڪارو جادو ڪندي آهيان يا ڪا ڏانئڻ آهيان.
هن چيو ته بدنامي سبب هاڻ مون کي فلمن ۾ ڪم ناهي ملندو ۽ ماڻهو مون کان ڊڄندا آهن.
واضح رهي ته سشانت سنگهه جي آپگهات کانپوءِ ريا چڪرورتي کي اداڪار لاءِ منشيات گهرائڻ جي الزام ۾ گرفتار به ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.