جسم مان سگريٽ جو دونهون ۽ نڪوٽين سولائي سان ڪڍي سگهجن ٿا

اسان جي ماحول ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي سگريٽ جا عادي آهن ۽ اها ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته سگريٽ جا نقصان ڪيترا آهن؟

مختلف ڪينسر جي مرضن کي ڇڏي ڪري به جيڪڏهن ڏسجي ته سگريٽن ۾ موجود تماڪ جو ڇڪيل دونهون جيڪو اسان پنهنجي اندر ڳهندا آهيون ان مان نوي سيڪڙو نڪوٽين ان وقت ئي جسم پنهنجي اندر جذب ڪري وٺندو آهي.

چوڻ جو مطلب ته سگريٽ ۾ جيڪا نڪوٽين موجود هوندي آهي اها اسان جو جسم نوي سيڪڙو پنهنجي اندري فوري طور تي جذب ڪري وٺي ٿو، ڀلي بعد ۾ دونهون اسان جسم کان ٻاهر به ڪڍون پر نڪوٽين جسم کان ٻاهر ناهي نڪرندي.

خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀلي جو ڪو سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏئي پر اها نڪوٽين ان جي جسم مان ناهي نڪرندي جيڪا هو پنهنجي جسم ۾ جذب ڪري چڪو هوندو آهي. ڀلي جو توهان سگريٽ نه پيئو پر اها توهان جي جسم ۾ موجود ئي رهندي آهي.

سگريٽن جون دونهون سِڌو سنئون ڦڦڙن ۾ ڄمندو آهي يا انهن کي نقصان ڏيندو آهي، رت جي نالين ۽ رت جي سيلن ۾ آڪسيجن جي جاءِ تي دونهين جو هجڻ پنهنجي جاءِ تي خطرناڪ پر ڦڦڙن ۾ دونهين جو هجڻ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف جو سبب بڻبو آهي.

هاڻي توهان سوچيندا هوندا ته اهي ته خوف ڏيارڻ واريون ڳالهيون آهن ان ۾ خوشخبري ڪهڙي ٿي؟

اهي ڳالهيون واقعي خوف ڏيارڻ ۽ ڳڻتي جوڳيون آهن خوشخبري ٻئي آهي.

خوشخبري اها آهي ته توهان پنهنجي جسم مان ان نڪوٽين کي ڪڍي پنهنجي ڦڦڙن کي صاف ڪري سگهو ٿا!

ٿي سگهي ٿو ڪجهه ماڻهن کي اها ڳالهه ايڏي وڏي نه لڳي پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن توهان جي ڦڦڙن تي ڄميل دونهين ۽ نڪوٽين کي ڏسجي ته اها توهان جي موت جو به سبب بڻجي سگهي ٿي، ڀلي جو موت جو سبب نه بڻجي پر اها توهان جي ڦڦڙ کي نقصان ضرور ڏيندي آهي، پر جيڪڏهن ان جاءِ تي توهان پنهنجي ڦڦڙن کي سگريٽن جي دونهين ۽ نڪوٽين کان صاف ڪيو ته اهو ڪنهن به حوالي سان نئين زندگي کان گهٽ ناهي!

ان لاءِ توهان کي ڪجهه کاڌن جي چونڊ ڪرڻي پوندي.

توهان پنهنجي خوراڪ ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ خوراڪ جو استعمال جهڙوڪ سائي چانهه، چقندر، صوف، سنگترو ۽ ليمو وغيره ڪري به ڦڦڙن کي صاف ڪري سگهو ٿا. اهي شيون توهان جو ميٽابولڪ ريٽ وڌائينديون آهن ۽ توهان جي جسم کي ٿيل نقصانن جي مرمت ڪري انهن کي ٻيهر بحال ۽ نئون ڪن ٿيون.

انکانسواءِ هڪ اهڙي چانهه آهي جنهن جو استعمال توهان جي جسم مان نڪوٽين کي خارج ڪرڻ جو وڏو سبب بڻبو.

اها آهي هيڊ واري چانهه

ان چانهه لاءِ هيڊ جا ٻه چمچا، پيٺل بصر ٻه سئو گرام، سنڍ جو هڪ ٽڪرو

هاڻي انهن ٽنهي شين کي ٿوري پاڻي ۾ وجهي ٿوري دير تائين اٻاريو، ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ ان پاڻي کي ڏينهن ۾ رڳو ٻه ڀيرا استعمال ڪيو.

هيڊ ۾ سرڪيومن نالي جز موجود هوندو آهي جيڪو توهان جي جسم مان زهريلا مادا ختم ڪندو آهي ۽ جسم کي اندران صاف ڪندو آهي. سنڍ جون خاصيتون ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي، اسان به هتي ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي چڪا آهيون پر سنڍ ۾ الٽي گهٽائڻ جي به خاصيت هوندي آهي جيڪا جسم مان نڪوٽين جي خاتمي کانپوءِ گهڻي قدر ماڻهن کي عام طور تي ايندي آهي.

پنهنجو هڪ هٿ معدي ۽ ٻيو هٿ سيني تي رکو، هاڻي ساهه اندر کڻندي معدي واري هٿ کي ٿورو معدي ڏانهن دٻائي انکي آهستي آهستي مٿي آڻيو ۽ ساهه ٻاهر ڪڍڻ وقت هٿ جو دٻاءُ گهٽائيندا انکي هيٺ ساڳيو ئي معدي واري سطح تي آڻيو. ساهه آهستي آهستي کڻو. اهڙي ايڪسرسائيز گهٽ ۾ گهٽ ٽن کان چار ڀيرا ڪيو ته توهان جي جسم مان نڪوٽين نڪري ويندي ۽ ڦڦڙ صاف ٿي ويندا.

ان سان گڏ توهان کي نڪوٽين مليل شين کان به پرهيز ڪرڻ گهرجي جيڪي توهان جي ڦڦڙن کي صاف ڪرڻ ۽ صحيح نموني ڪم ڪرڻ کان روڪينديون آهن.

گهڻي کان گهڻو پاڻي پيئو ڇو ته پاڻي توهان جي جسم کي ٿيل نقصانن کي تڪڙي صحيح ڪرڻ جون خاصيتون رکندو آهي.  توهان جو جسم هائڊريٽڊ رهندو ۽ ڊيٽاڪسيفڪيشن ۾ سولائي ٿيندي.

ان سان گڏ روز ورزش ڪيو، ان سان رت جا وهڪرا بهتر ٿيندا آهن ۽ توهان جي جسم جي نڪوٽين پگهر جي ذريعي نڪري ويندي آهي.

اهڙا ورزش ۽ ٻيا عمل ايترا فائديمند آهن جو جيڪڏهن توهان هفتي ۾ هڪ ڀيرو سگريٽ پيئندڙ آهيو ته توهان جي جسم مان نڪوٽين ٻن کان ٽن مهينن تائين نڪري ويندي پر جيڪڏهن توهان روز سگريٽ پيئندا هيا ته توهان کي اها نڪوٽين جسم مان ڪڍڻ جي لاءِ توهان کي هڪ سال لڳي ويندو.

پر جيڪڏهن توهان سگريٽ به پيئو ٿا ڇڏيو نٿا تڏهن به توهان کي اهي عمل روز نه ته هڪ نه ٻئي ضروري اختيار ڪرڻ گهرجن اهي توهان جي ڦڦرن کي صاف ڪندا رهندا.

اهو عمل آهي ته هڪ پاسي کان ڦڦڙن کي خراب ڪرڻ ۽ ٻئي پاسي صاف ڪرڻ جو، مطلب صفائي جو فائدو ته نه ٿيندو پر پوءِ به توهان اسان جي چوڻ سان سگريٽ بند ته نٿا ڪري سگهو، گهٽ ۾ گهٽ اهي عمل ڪري ڦڦڙن کي صاف ڪيو جيڪو توهان جي صحت لاءِ تمام فائديمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.