حملن جي مذمت، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ آهيون: آمريڪا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا بلوچستان ۾ حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان جوناٿن لالي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بلوچستان ۾ حملن دوران سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ عوام کي نشانو بڻايو ويو، اسان جون دليون انهن حملن ۾ مارجي ويلن جي خاندانن ۽ پيارن لاءِ ڏکويل آهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.