راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن جو سلسلو جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز جي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ آپريشن دوران الخوارج جا 25 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ الخوارج جا 11 دهشتگرد زخمي ٿيا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 جوان شهيد ٿي ويا، آپريشن ۾ الخوارج جو سربراهه ابوذر عرف صدام به مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته باقي بچيل دهشتگردن جي به ڳولا ڪئي پئي وڃي، ملڪ مان خوارج ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز پرعزم آهي.
You might also like