بجلي اگهن بابت ڪيل 20 فيصلن تي ٻيهر ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا ) طرفان اپيليٽ ٽربيونل جي حڪم تي بجلي جي قيمتن جي ويهه فيصلن تي نئين سر ٻڌڻي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نيپرا بجلي جي اگهن بابت جاري ڪيل ويهه فيصلن تي ٻيهر ٻڌڻي ڪندو، ماهوار ۽ ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽس تحت ڪيل فيصلن تي نئين سر ٻڌڻي ٿيندي.
نيپرا طرفان ويهه فيصلن تي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ ٽي سپٽيمبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، ٻڌڻي 2021، 2022 ۽ 2023 دوران ڪيل فيصلن تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.