ڀارتي اداڪارا شادي جي 7 سالن کانپوءِ طلاق وٺي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا نوينا بولي شادي جي 7 سالن کانپوءِ مڙس جيت ڪرناني کان طلاق وٺي ڇڏي.
نوينا بولي ۽ جيت ڪرناني وچ ۾ عليحدگي 3 مهينا اڳ ٿي، جنهن جي تصديق هنن پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ڪئي.
اداڪارا چيو ته 3 مهينا اڳ اسان جي طلاق ٿي چڪي آهي ۽ ان حوالي سان قانوني ڪارروائي جلد شروع ڪنداسين.
هن چيو ته طلاق کانپوءِ به اسان پنهنجي 5 ورهين جي ڌيءُ جي گڏجي پرورش ڪري رهيا آهيون، جيت هفتي ۾ ٻه ڏينهن ڌيءُ سان گڏ گذاريندو آهي، اسان جي طلاق گڏيل رضامندي سان ٿي آهي، ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته گڏ ناخوش رهڻ کانپوءِ بهتر آهي ته الڳ رهي خوش زندگي گذاريون.
سندس چوڻ هو ته شادي جي شروعات ۾ اسان جو تعلق تمام سٺو هو پر وقت گذرڻ سان اختلاف پيدا ٿيندا ويا، اسان پنهنجي ڌيءُ خاطر معاملن کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر ائين نه ٿي سگهيو.
واضح رهي ته نوينا ۽ جيت جي شادي 2017 ۾ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.