ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪارروائيون ڪندڙ ناراض بلوچ نه پر دهشتگرد آهن، ڪنهن گرينڊ آپريشن جي ضرورت ناهي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته 38 معصوم شهرين کي شهيد ڪيو ويو، ڪنهن بلوچ ڪنهن پنجابي کي نه ماريو، دهشتگردن پاڪستانين کي ماريو آهي، دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، کين سخت سزا ڏني ويندي.
هن چيو ته 21 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، انهن جي سهولتڪارن ۽ همدردن کي انجام تي پهچايو ويندو، معصوم ماڻهن کي بسن مان لاهي نشاندهي ڪري شهيد ڪيو ويو، دهشتگردن کان پلاند ورتو ويندو.
سندس چوڻ هو ته اهي ڪارروائيون ناراض بلوچن جون نه پر دهشتگردن جون آهن، رياست مظلوم سان گڏ بيٺي آهي، اها ويڙهه عدليا، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي به وڙهڻي آهي.
سرفراز بگٽي چيو ته ڳالهين جا در کليل آهن، رياست پنهنجي رٽ قائم ڪندي، جيڪي به قدم کڻڻا پيا کڻنداسين، مان ڳالهين جو حامي آهيون پر ڪنهن سان ڳالهيون ڪيون؟ معصومن کي قتل ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون؟
وڏي وزير چيو ته بلوچ نوجوانن کي چوندس دهشتگردن جي پروپئگنڊا جو حصو نه بڻجو، ڪي شڪايتون اٿو ته ٻڌايو، چيو ويندو آهي ته چيڪ پوسٽ ختم ڪيو، ڇو ختم ڪيون، جتي ضرورت هوندي چيڪ پوسٽ ٺاهينداسين، ڪنهن گرينڊ آپريشن جي ضرورت ناهي.
ڪارروائيون ڪندڙ ناراض بلوچ نه دهشتگرد آهن، ڪنهن گرينڊ آپريشن جي ضرورت ناهي: سرفراز بگٽي
You might also like