لاهور (ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي تحريڪ انصاف اڳواڻ مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو.
ايف آءِ آي ترجمان لاهور تصديق ڪندي ٻڌايو ته عدالتي حڪمن تي مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ مونس الاهي جو پاسپورٽ به ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو آهي.
ايف آءِ اي لاهور جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته مونس الاهي سان گڏ ٻين 6 جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ به بلاڪ ڪيا ويا آهن.
You might also like