بي جي پي قيادت ڪنگنا رناوت کي وارننگ ڏئي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بي جي پي اداڪارا ۽ پارليامينٽ ميمبر ڪنگنا رناوت کي هارين جي احتجاج تي تڪراري بيان ڏيڻ تي ڇنڊ پٽي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي ( بي جي پي ) واضح ڪيو آهي ته ڪنگنا رناوت جا بيان پارٽي نظرين ابتڙ آهن ۽ پارٽي ساڻس اتفاق نٿي ڪري.
ڪنگنا رناوت موجب، آبادگارن جو احتجاج ڀارت ۾ بنگلاديش جهڙي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو، جنهن تي بي جي پي قيادت عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
بي جي پي ترجمان موجب، ڪنگنا رناوت کي پاليسي معاملن تي ڳالهائڻ جو اختيار نه ڏنو ويو آهي ۽ کيس مستقبل ۾ اهڙا بيان ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڀارتي رياست پنجاب ۽ هرياڻا جي بي جي پي اڳواڻن به ڪنگنا رناوت کي چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.